رهاڻ هيرن کاڻ1

رهاڻ هيرن کاڻ1

رهاڻ هيرن کاڻ1

رهاڻ هيرن کاڻ1 (ڪتاب) جلد پهريون: هيءُ ڪتاب سنڌ جي نامور عالم، اديب، مؤرخ لوڪ ادب جي پارکو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لوڪ روايتن متعلق ڪيل ڪچهرين تي مشتمل آهي. هن رٿا کي پورو ڪرڻ لاءِ ليکڪ کي 1950ع کان 2000ع تائين جو عرصو لڳو، جنهن لاءِ ليکڪ سنڌ جي سڄڻن ۽ سگهڙن سان ڳوٺن، شهرن، واهڻن، وسندين ۾ رس رهاڻيون ڪيون، جنهن کي ليکڪ رهاڻ واري رنگ ۾ بيان ڪيو آهي ۽ پڙهندڙن سان مخاطب ٿي ڳالهايو آهي. هن ڪتابي سلسلي ۾ شامل مواد هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو. پهرئين جلد جو مهاڳ خود ليکڪ لکيو آهي. ڪتاب کي مختلف موضوعن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾: ’پنهنجي سمجهه جي پيماني کي ڪشادو ڪر‘، ’سڪ سِڪي ٿي سڪ کي‘، ’سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن جا مقامي نالا‘، ’ڏاتار ۽ منگتا سنڌ جي تاريخ‘، سنگهارن جا سانگ، سنڌي ٻولي، سنڌ جون مانائتيون مايون، ڏهس نامو ۽ دانائيءَ جا بيت، جهر جهنگ غزل، جواني، سگهڙ شاعر ۽ قصا، سورهيه ۽ سورهيائي، قافيون ۽ سنڌ جي ڳائڻ واري ’ڪافي‘، ظرافت خوش طبعي چرچا، سنڌ جي پهلواني ملهه ۽ ڪچهري بدين شامل آهن. 185 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي ڪچي جلد سان، هن ڪتاب جي قيمت 70 روپيا آهي، جنهن کي رفيق مهيسر، خيرپور ميرس مان آگسٽ 2000ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو